34 کرب 51 ارب ماليت جي سنڌ بجيٽ پيش،سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ

سنڌ اسيمبليءَ ۾ مالي سال 2025-26 لاءِ 34 کرب 51 ارب رپين جو بجيٽ پيش
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ مالي سال 2025-26 لاءِ 34 کرب 51 ارب رپين جي ماليت جو صوبائي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 12.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
وڏي وزير بجيٽ تقرير دوران اعلان ڪيو ته گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 12 سيڪڙو، جڏهن ته گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي، سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ به 8 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو.
بجيٽ ۾ فلاح ۽ بهبود لاءِ اضافي فنڊ رکيا ويا آهن، جڏهن ته جاري خرچن جي مد ۾ 2149.4 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
تعليم لاءِ مجموعي طور 523.73 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن مان پرائمري تعليم جو بجيٽ 136.2 ارب مان وڌائي 156.2 ارب رپيا ڪئي وئي آهي ۽ سيڪنڊري تعليم جو بجيٽ 68.5 ارب مان وڌائي 77.2 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير بجيٽ تقرير دوران نئين مالي سال ۾ 4400 نوان استاد ۽ عملو ڀرتي ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.
صحت جي شعبي لاءِ 326.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن مان 146.9 ارب رپيا صحت جي ادارن ۽ يونٽن کي گرانٽ طور ڏنا ويندا.
سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ بجيٽ 520 ارب رپين تائين محدود رکيو ويو آهي، ان تحت ٻوڏ متاثر علائقن، قابل تجديد توانائي، پٺتي پيل ضلعن، صاف پاڻي ۽ صفائي جي سهولتن لاءِ 475 نيون اسڪيمون شروع ٿينديون.
ڪراچي ۾ انفرا اسٽرڪچر ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بهتري لاءِ به وڏي رٿابندي ڪئي وئي آهي.
ٻن لک کان وڌيڪ هارين کي سبسڊي ۽ جديد زرعي مشينري جي فراهمي لاءِ ”بينظير هاري ڪارڊ“ جاري ڪيو ويندو، معذور ماڻهن لاءِ وظيفن ۾ واڌ ۽ نوان بحالي مرڪز قائم ڪيا ويندا.
وڏي وزير عوام جي معاشي بار کي گهٽائڻ لاءِ پنج ٽيڪس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پروفيشنل ٽيڪس ۽ انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي ختم ڪئي ويندي، جڏهن ته موٽر ويڪل ٽيڪس ۾ رعايت ڏني ويندي ۽ سيلز ٽيڪس کي آسان بنائڻ لاءِ نئون ”نيگيٽو لسٽ سسٽم“ لاڳو ڪيو ويندو.
وڪيلن، صحافين ۽ اقليتن لاءِ فلاح ۽ ترقياتي قدمن جي مد ۾ خاص گرانٽون به مقرر ڪيون ويون آهن.
وڏي وزيرٰ جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن جو سخت احتجاج ڪيو، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته هي وڏيرا شاهي بجيٽ آهي جنهن ۾ شهري سنڌ کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.