تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي عالمي جوهري اداري جي سربراهه رافيل گراسي کي خط لکيو، جنهن ۾ فوري طور تي آءِ اي ايِ اي جي بورڊ آف گورنرز جو هنگامي اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته عالمي جوهري اداري جي بورڊ آف گورنرز اسرائيلي حملي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ئي ايران خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو هو، رافيل گراسي ايراني جوهري ٿاڪن تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪري، جڏهن ته ايران هن جارحيت جو فيصلاڪن جواب ڏيندو.
ايراني پرڏيهي وزير گڏيل قومن کي به خط لکيو آهي جنهن ۾ هن اسرائيلي حملي کي اعلانِ جنگ قرار ڏنو.