ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشوري ۾ لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ٽرالر ڊرائيور قتل ٿي ويو.
چوڪي نمبر 10 ڀرسا حيدرآباد کان ڪراچي ايندڙ ٽرالر ڊرائيور کان ٻن هٿياربندن ڦر جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني.
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽرالر ڊرائيور زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.
مارجي ويل ٽرالر ڊرائيور جي سڃاڻپ ڪوئيٽا واسي فيض پٽ شاڪر طور ٿي.