ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشوري ۾ لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ٽرالر ڊرائيور قتل ٿي ويو.
چوڪي نمبر 10 ڀرسا حيدرآباد کان ڪراچي ايندڙ ٽرالر ڊرائيور کان ٻن هٿياربندن ڦر جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني.
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽرالر ڊرائيور زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.
مارجي ويل ٽرالر ڊرائيور جي سڃاڻپ ڪوئيٽا واسي فيض پٽ شاڪر طور ٿي.
You might also like