ڪينالن جي معاملي تي لالي پاپ ڏنو ويو، ٻيهر احتجاج شروع ڪنداسين: جونيئر ذوالفقار

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) شهيد مير مرتضيٰ جي فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو آهي ته ڪينالن جي معاملي تي سنڌ جي عوام کي لالي پاپ ڏنو ويو، ٻيهر احتجاج شروع ڪنداسين.
جونيئر ذوالفقار جنگشاهي لڳ ڳوٺ منگو خان پليجو ۾ عوامي تحريڪ جي نائب صدر حورالنساءَ پليجو جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري.
هن حور النساءَ پليجو جي وارثن سان تعزيت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ضياءَ جي مارشل لا خلاف سنڌ اندر سنڌياڻي تحريڪ ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جدوجهد ڪئي هئي.
سندس چوڻ هو ته حڪمران مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، ايم آر ڊي کانپوءِ اسان ٻيهر گڏجي ويا آهيون، ڪينال جي معاملي تي سنڌ جي عوام کي لالي پاپ ڏنو ويو، ڪينالن خلاف ٻيهر احتجاج شروع ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.