بنگلاديش ڀارت سان ٻه ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ جو دفاعي معاهدو رد ڪري ڇڏيو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڀارت جي سرڪاري ڪمپني گارڊن ريچ شپ بلڊرز اينڊ انجنيئرز لميٽيڊ سان ڪيل ٻه ڪروڙ 10 لک دالر ماليت جو دفاعي معاهدو رد ڪري ڇڏيو.
اهو معاهدو جولاءِ 2024 ۾ ڪيو ويو هو، جنهن تحت بنگلاديشي بحريا لاءِ هڪ جديد ٽگ بوٽ تيار ڪرڻي هئي، جيڪا اونهي سمنڊ ۾ مشنز لاءِ ڊيزائن ڪئي وئي هئي.
ڀارت جي بچاءَ واري وزارت تحت ڪم ڪندڙ گارڊن ريچ شپ بلڊرز اينڊ انجنيئرز لميٽيڊ 21 مئي تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ فائلنگ ذريعي معاهدو رد ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته اهو معاهدو رد ٿيڻ جو امڪان هو.
بنگلاديش طرفان سرڪاري طور تي معاهدو رد ڪرڻ جي سبب جو اعلان ناهي ڪيو ويو پر ڀارتي ميڊيا موجب تجزئي نگار ان قدم کي ڀارت طرفان تازن ڏينهن ۾ بنگلاديشي شين تي درآمدي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو ردعمل قرار ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.