ڪراچي: جناح اسپتال ۾ جگر جي نالي ۾ ڪينسر جو اسٽنٽ ذريعي ڪامياب علاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ جگر جي نالي ۾ ڪينسر جو اسٽنٽ ذريعي ڪامياب علاج ڪيو ويو.
جناح اسپتال ڪراچي جي پروفيسر ڊاڪٽر عادل حسن موجب 50 ورهين جي مريض جو 30 منٽن ۾ ڪامياب آپريشن ڪيو ويو.
هن چيو ته علاج جي ان طريقي کي اينڊو اسڪوپي اي آر سي پي چيو ويندو آهي، اهو پروسيجر جناح اسپتال ۾ 29 سالن کانپوءِ ٻيهر مفت ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته نجي اسپتال ۾ ان آپريشن جي لاڳت ٻه کان اڍائي لک رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.