ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڀارت کي منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ کان پوءِ پنجويھھ ورھين ۾ پھريون ڀيرو گرين پاسپورٽ تي سفر ڪرڻ جو مزو اچي رھيو ھو، جتي بھ اسان وڃي رھيا ھُئا سين، ماڻھو گرين پاسپورٽ ڏسي پُڇي رھيا ھُئا تھ اوھان پاڪستان کان آيا آھيو ۽ پوءِ ھُو پاڪ ڀارت جنگ جو ذڪر ڪن پيا ۽ پاڪستان جون تعريفون ڪن پيا.
سنڌ اسيمبلي ۾ خيالن جو اظھار ڪندي شرجيل ميمڻ چيو تھ اسان کي پنھنجي گرين پاسپورٽ تي فخر آھي، آئون پنھنجي پاڪستاني حڪومت ۽ اسان جي ھٿياربند فوجن کي سلام پيش ڪريان ٿو.
ھن چيو تھ اسان چين ۾ ڪجھھ ايم او يوز تي بھ صحيحون ڪيون آھن، اسان پوري ڪراچي ۾ اي وي ري چارجنگ اسٽيشنز بڻائڻ وڃي رھيا آھيون، پھرين مرحلي ۾ سڄي سنڌ ۾ ھر پنجاھھ ڪلوميٽرن تي اي وي گاڏين جو چارجنگ اسٽيشن ھوندو، گرين انرجي تي وڃڻ سان ٻارڻ جي بچت ٿيندي ۽ اي وي گاڏي جي لاءِ توانائي سستي اگھھ تي دستياب ھوندي، ھاڻوڪين گاڏين کي بھ اي وي تي ڪنورٽ ڪرڻ وڃي رھيا آھيون.
سندس چوڻ هو ته اي وي ٽرڪون، اي وي بسون، اي وي ڪارون ۽ اي وي موٽر سائيڪلون ٺاھيندڙ دُنيا جي سڀني کان وڌي ڪمپني ڪراچي ۾ اي وي گاڏين جو پلانٽ لڳائڻ اچي رھي آھي، اسان کين حڪومت طرفان ھر سھڪار جي پوري خاطري ڪرائي آھي، ھاڻي اي وي گاڏين جي مينوفيڪچرنگ ھتي ڪراچي ۾ ئي ٿيندي.
You might also like