آمريڪا پنهنجي ”مٽي پليد“ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ جنگبندي ڪرائي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جڏهن پاڪ فوج فرانس جا جهاز ۽ اسرائيلي ڊرون تباهه ڪيا ته آمريڪا شايد پنهنجي مٽي پليد ٿيڻ کان بچڻ لاءِ وچ ۾ پئجي ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪئي.
ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته مون کي اڃا به اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته جڏهن ڀارت جارحيت ڪئي پئي ته آمريڪا ان کي پاڪستان ۽ ڀارت جو اندروني معاملو قرار ڏنو، 10 مئي تي ڀارت ٻيهر حملو ڪيو ته پاڪستان جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، پاڪ فوج اجازت گهري ۽ اسان جي فوج ڀرپور جواب ڏنو، جنهن هنڌان ڀارت حملو ڪيو، پاڪستان صرف انهن ئي آرمي ڪيمپس کي نشانو بڻايو.
هن چيو ته آپريشن ”بنيان مرصوص“ صرف ٽي ڪلاڪ هليو، پوءِ سوا اٺين وڳي آمريڪا مان فون آئي ته ڀارت جنگبندي لاءِ تيار آهي، جنگ جي شروعات تي آمريڪا چيو ته هي ٻنهي ملڪن جو پنهنجو معاملو آهي پر جڏهن فرانس جا جهاز تباهه ٿيا ته ڀارت فرانس کي شرمندو ڪيو، پوءِ اسرائيل جا ڊرون موڪليا ويا، جن کي اسان ڪيرائي ڇڏيو، جنگ دوران آمريڪا به ڀارت کي گهڻو ڪجهه ڏنو هوندو، شايد ان ڪري آمريڪا کي وچ تي اچڻو پيو ته متان پاڻ به تماشو بڻجي وڃي، تنهن ڪري جنگ بندي ڪرائي وئي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن اسان سڀ گڏ ٿياسين ته دشمن ڪجهه ڪلاڪ به مقابلو نه ڪري سگهيو، اڄ مون کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اها تقرير ياد اچي ٿي، جڏهن هن جنگ جي موقعي تي ڀارت کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته ”ڀارت تون جنگ جو سوچ به نه، ڇو ته اسان جو هر ٻار جنگ لاءِ تيار آهي“.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.