پيٽروليم ليوي جي مد ۾ عوام تي تاريخي بار وجهڻ جي تياري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال 26-2025 جي شروعات تي پهرين جولاءِ کان عوام پيٽروليم ليوي جي مد ۾ ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو مالي بار برداشت ڪندو.
عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي رپورٽ مطابق نئين مالي سال لاءِ پيٽروليم ليوي جي وصولي جو ڪاٿو 1311 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، جيڪو 30 جون تي ختم ٿيندڙ هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ 194 ارب رپيا وڌيڪ آهي.
رپورٽن موجب هن وقت به عوام پيٽروليم ليوي جي لڳاتار وڌندڙ بار هيٺ آهي ۽ هاڻ ايندڙ مالي سال ۾ ماڻهن کي ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي مالي بار کي برداشت ڪرڻو پوندو.
آءِ ايم ايف جي رپورٽ مطابق هلندڙ مالي سال 25-2024 جي ڀيٽ ۾ ايندڙ مالي سال 26-2025 ۾ پيٽروليم ليوي جي وصولي ۾ 194 ارب رپين جو اضافو ٿي سگهي ٿو.
هلندڙ مالي سال ۾ پيٽروليم ليوي جي وصولي جو ڪاٿو 1117 ارب رپيا آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ اهو ڪاٿو وڌي 1311 ارب رپين تائين لڳايو ويو آهي.
هلندڙ مالي سال جي پهرين نون مهينن (جولاءِ 2024 کان مارچ 2025 تائين) دوران پيٽروليم ليوي جي وصولي 833 ارب 84 ڪروڙ 70 لک رپيا رهي.
آءِ ايم ايف جي رپورٽ مطابق گذريل مالي سال 24-2023 ۾ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 1019 ارب رپيا وصول ٿيا، جڏهن ته مالي سال 23-2022 ۾ اها رقم 580 ارب رپيا هئي.
ياد رهي ته هن وقت پيٽرول تي في ليٽر 78 رپيا 2 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 77 رپيا 1 پيسو في ليٽر جي حساب سان ليوي وصول ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.