ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ۽ چين وچ ۾ صنعتي سهڪار تحت ڪراچي ۾ ”سپر مني ٽرڪ“ جي اسمبلنگ لائين جلد قائم ڪئي ويندي.
اهڙو اعلان سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چين ۾ منعقد هڪ تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو، جتي سپر مني ٽرڪ جو باقاعدي تعارف به ڪرايو ويو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيني سيڙپڪار هن اهم منصوبي لاءِ ڪراچي ۾ پلانٽ لڳائڻ تي راضپو ظاهر ڪري چڪا آهن، جنهن سان مختلف واپاري گروپن، مقامي صنعتن ۽ نوجوان افرادي قوت کي سڌو فائدو پهچندو.
هن چيو ته هن منصوبي تحت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشنون به جلد قائم ڪيون وينديون.
چيني ڪمپني ”چيري هولڊنگ“ ۽ ”پيڊي ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ“ جي ڀائيواري سان تيار ڪيل سپر مني ٽرڪ هڪ انقلابي ايجاد آهي، جيڪا شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ لاجسٽڪس مسئلن لاءِ گهٽ خرچ، پائيدار ۽ پهچ جوڳو حل پيش ڪري ٿي.
شرجيل ميمڻ موجب سپر مني ٽرڪ جديد انجنيئرنگ، ذهين ڊزائن ۽ ماحول سان مطابقت جو ميل آهي، جيڪا پاڪستان ۾ هلڪي ڪمرشل گاڏين جي وڌندڙ طلب پوري ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي.
هن چيو ته سپر مني ٽرڪ جي اسمبلنگ لائن ڪراچي ۾ لڳائي ويندي، جيڪا مقامي پرزا سازي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ نون روزگار جي موقعن سان گڏ ملڪ ۾ صنعتي ترقي کي تيز ڪندي.
شرجيل ميمڻ هن منصوبي کي پاڪ-چين ٽيڪنيڪي سهڪار جو شاندار مثال قرار ڏيندي چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جو ذريعو بڻجندو.
Next Post
You might also like