انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان وزيراعظم شهباز شريف جي بيان تي پاڪستان سان دلي محبت جو اظهار ڪري ڀارتين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيو.
واضح رهي ته ڀارتي اداڪارا ۽ ڀارتيا جنتا پارٽي جي ميمبر روپالي گنگولي پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي ڀارتين کان ترڪيه جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪيو آهي.
ترڪ صدر سوشل ميڊيا تي وزيراعظم شهباز شريف کي ”عزيز ترين ڀاءُ“ چئي مخاطب ڪيو ۽ ”پاڪ ترڪ دوستي زنده آباد“ جو نعرو به هنيو.
هن چيو ته اسان سدائين توهان سان گڏ بيٺا آهيون، ترڪيه ۽ پاڪستان وچ ۾ جيڪو ڀائيچارو آهي، اهو تمام گهٽ قومن کي نصيب ٿيندو آهي.
سندس چوڻ هو ته تڪرارن جي حل لاءِ پاڪستان جي دانشمندي، صبر، مڪالمي ۽ مفاهمت جي پاليسين کي ساراهيون ٿا.
ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر طرفان ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان جي واضح حمايت کي ساراهيندي سندس واکاڻ ڪئي هئي.
Prev Post
You might also like