اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)حڪومت ايندڙ بجيٽ لاءِ آءِ ايم ايف سان تجويز ڪيل ٽيڪسيشن قدمن جا اهم نڪتا پيش ڪري ڇڏيا آهن.
مهتاب حيدر جي ڇپيل رپورٽ موجب انهن نڪتن ۾ مختلف انڪم سليب (آمدني جي درجا بندي) ۾ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جو بار 10 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ جي تجويز شامل آهي. جيڪڏهن آءِ ايم ايف ان تجويز ڪيل گهٽتائي تي راضي ٿي ويو ته ايندڙ بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي 50 ارب رپين تائين جو رليف ملي سگهي ٿو.
ايندڙ بجيٽ کي آخري صورت ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني ٽيم جي وچ ۾ 14 مئي کان 22 مئي تائين ڳالهيون ٿينديون.
سرڪاري ذريعن تصديق ڪئي آهي ته حڪومت بجيٽ ۾ رليف ڏيڻ سبب ٿيندڙ آمدني جي گهٽتائي جي تلافي لاءِ اضافي ٽيڪس لڳائڻ تي رضا مندي ڏيکاري آهي.