ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڀارت کي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ کان پوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي به ان جا هاڪاري اثر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.
اڄ واپاري هفتي جي پهرين ڏينهن جي شروعات کان ئي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس ۾ 9929 پوائنٽن جي واڌ رڪارڊ ٿي ۽ انڊيڪس 117104 پوائنٽن تي ٽريڊ ڪندو نظر آيو.
واپار دوران PSX 100 انڊيڪس ۾ گڏيل طور 10 هزار پوائنٽن جي واڌ ٿي ۽ انڊيڪس ٻيهر هڪ لک ستر هزار پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو.
اڄ هڪ ئي ڏينهن ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جو ملهه 9 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي سيڙپڪارن جو چوڻ آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ تيزي جو سبب رڳو جنگ بندي ناهي، پر آءِ ايم ايف کان قرض جي منظوري، شرح ۾ گهٽتائي ناڻي جي پهچ جا بهتر انگ اکر ۽ ٻيا ڪيترائي عنصر شامل آهن.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازي تڪرار جو اثر اسٽاڪ مارڪيٽ تي به پيو هو ۽ ڀارتي حملي کان پوءِ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 6 هزار کان وڌيڪ پوائنٽن جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي هئي.
پاڪستان پاران ڀارت کي ڏنل ڀرپور ۽ موثر جواب کان پوءِ واپاري هفتي جي آخري ڏينهن تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي هئي.