ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا 50 سيڪڙو بالي ووڊ ۽ 50 سيڪڙو ڪارٽون نيٽ ورڪ آهي، نريندر مودي جي جنگي جنون ڀارت کي بند گهٽي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ ڀارت کي اندازو ٿي ويو آهي ته پاڪستان سان وچڙڻ مهانگو پئجي ويو.
آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي ڪاميابي تي ڪراچي ۾ ريلي کي خطاب ڪندي شاهد آفريدي چيو ته اسان اڄ امن لاءِ ٻاهر نڪتا آهيون، مان پاڪستاني فوج کي سلام پيش ڪريان ٿو، پاڪستان جو هر ٻار پاڪ فوج سان گڏ آهي، مان پنهنجي خاندان ۽ دوستن جي طرفان پاڪ فوج کي مبارڪون ڏيان ٿو.
هن چيو ڀارت کي هاڻ خبر پئجي وئي آهي ته پاڪستان سان وڙهڻ سستو نه آهي، ڀارتي ميڊيا اڌ فلمي ۽ اڌ خيالي دنيا ۾ رهي ٿي، مودي جي جنگي سوچ ڀارت کي دنيا ۾ شرمندو ڪيو، ڀارت جا ماڻهو ته امن ۽ پيار چاهين ٿا پر مودي انهن جي بدنامي جو ڪارڻ بڻجي ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت اسان جي معصوم ٻارن کي شهيد ڪيو، عام ماڻهن تي حملا ڪيا، مسجدون شهيد ڪيون ويون، بيگناهه ماڻهن کي ماريو ويو، اسان ته ڀارت جي ڪنهن به عام ماڻهو کي ناهي ماريو، جيڪڏهن ڪا ثابتي آهي ته ڏيکاريو.
شاهد آفريدي چيو ته اسان امن پسند قوم آهيون، اسان جو مذهب به امن جو سبق ڏئي ٿو، بغير ڪنهن ثبوت جي حملي جو الزام پاڪستان تي هنيو ويو.، هاڻ جڏهن توهان حملو ڪيو آهي ته ان جا نتيجا به ڀوڳيو. مودي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بدنام ٿي رهيو آهي.
You might also like