پاڪ-ڀارت جنگ بندي: سلمان خان تنقيد کانپوءِ ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اسٽار سلمان خان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي بابت ٽوئٽ ڪرڻ کانپوءِ ڊليٽ ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن ڀارت پاڪستان خلاف جارحيت ڪئي، جنهن جو پاڪ فوج طرفان ڀرپور جواب ڏنو ويو ۽ 3 رافيل جهازن سميت 5 جنگي جهاز ڪيرايا ويا، جڏهن ته گذريل رات "آپريشن بنيان مرصوص” شروع ڪيو ويو.

پاڪستان جي تباهه ڪندڙ جواب سان ڀارتي دفاعي نظام مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو ۽ دشمن فوج به پنهنجي نقصان جو اعتراف ڪري ورتو.

ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگبندي ٿي وئي، جنهن جو اعلان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيو، ۽ بيان ۾ چيو ته آمريڪا جي ثالثي سان ٻنهي ملڪن فوري طور جنگبندي تي اتفاق ڪيو آهي.

پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي تي جتي ڀارتي ميڊيا جو سخت ردعمل سامهون آيو آهي، اتي سلمان خان کي به سيز فائر بابت ٽوئٽ تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، سلمان خان سيز فائر تي ٽوئٽ ڪندي لکيو ته "جنگبندي لاءِ الله جو شڪر آهي”۔

سلمان خان جو اهڙو ٽوئيٽ پاڪستان هٿان شڪست کائيندڙن کي نه وڻيو ۽ جڳ مشهور اداڪار کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو جنهن تي هن پنهنجو ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.