اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هي 2001 ناهي جو ڪو چوي ته مسلمان دهشتگرد آهن ۽ اسان اهو ٻڌون، ڀارت رات جي اونداهي ۾ ٻارن کي نشانو بڻايو،
قومي اسيمبلي اجلاس دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته ڀارت جي بزدلاڻي حملي جي مذمت ڪيون ٿا ۽ شهيدن جي وارثن سان گڏ بيٺا آهيون.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رات جي اونداهي ۾ چور ۽ بزدل حملو ڪندا آهن، جن ۾ جرئت هوندي آهي، اُهي ڏينهن ۾ مقابلو ڪندا آهن، ڀارت رات جي اونداهي ۾ ٻارن کي نشانو بڻايو، دهشتگردي جا الزامن اسان ڪيستائين ٻڌندا رهنداسين؟
پ پ چيئرمين چيو ته هي 2001 ناهي جو ڪو چوي ٿو ته مسلمان دهشتگرد آهن ۽ اسان اهو ٻڌون، 2 هفتن کان ڀارت پاڪستان تي ڪوڙا الزام مڙهي رهيو آهي، پاڪستان اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪيو، پاڪستان سچ ۽ ڀارت ڪوڙ سان گڏ بيٺو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت کي سڄي دنيا ۾ وائکو ڪنداسين،پاڪستان جي هوائي فوج کي سلام پيش ڪيان ٿو، هوائي فوج ڀارت جا پنج جهاز تباهه ڪري ڇڏيا، ڀارتي فوج انگ ۾ وڌيڪ آهي، جذبي کان وانجهي، دنيا کي ڏيکارينداسين، اسان جنگ جا حامي نه آهيون.
هن چيو ته ڀارتي جهاز مڇرن وانگر ڪِيرايا ويا، جيڪڏهن حملو ٿيو ته ڀارت جا جهاز ٻيهر تباهه ڪنداسين، دشمن جي هر حملي کي ناڪام بڻائڻ جي صلاحيت رکون ٿا، ڀارت جي ڀُل آهي ته اسان حملي تي خاموش ويهنداسين.
ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڀارت علائقائي امن کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان هميشه دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي، پاڪستان ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه ايندو.
بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته هي ڀارت طرفان بنا جواز جنگي قدم آهي، ڀارت جاچ جي آڇ رد ڪري شهرين کي نشانو بڻايو، جيڪڏهن ڀارتي الزامن ۾ سچائي هجي ها ته اسان جي آڇ ڇو ٿڏي ها؟
ڀارتي جنگي جهاز مڇرن وانگر ڪِيرايا ويا، دشمن جي ڀُل آهي ته اسان حملي تي خاموش ويهنداسين: بلاول
Prev Post
You might also like