ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ-ڀارت وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندر سنڌ جي گهرو کاتي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جتي صورتحال جي نگراني لاءِ 20 آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڪنٽرول روم ۾ روزانو ٽي آفيسر ڊيوٽي تي موجود رهندا، جڏهن ته ڊپٽي سيڪريٽري آرمي عبدالرحمان مري کي فوڪل پرسن ۽ سيڪشن آفيسر محمد عتيق کي ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو آهي.
ڪنٽرول روم جو مقصد پاڪ-ڀارت صورتحال جي روشنيءَ ۾ صوبي جي اندر ڪنهن به هنگامي صورتحال جي مانيٽرنگ ۽ وقتائتي ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ آهي.
You might also like