سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 2 هزار 300 رپيا گهٽتائي ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 2300 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 42 هزار 200 رپيا جو ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون هڪ هزار 972 رپيا گهٽجڻ کان پوءِ 2 لک 93 هزار 381 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 23 ڊالر گهٽجي 3 هزار 240 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.