واٽس ايپ جي ماهوار واهپيدارن جو انگ 3 ارب کان وڌي ويو

ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا جي سي اي او مارڪ زڪربرگ چيو آهي ته هاڻ هر مهيني 3 ارب کان وڌيڪ واهپيدار واٽس ايپ استعمال ڪري رهيا آهن.
فيس بڪ باني مارڪ زڪربرگ 2014ع ۾ واٽس ايپ کي 19 ارب ڊالرن ۾ حاصل ڪيو هو ۽ 2020ع تائين ايپ جا ماهوار واهپيدار 2 ارب تائين پهچي ويا هئا، جڏهن ته هاڻي واٽس ايپ انهن ايپس ۾ شامل ٿي وئي آهي، جن جا ماهوار واهپيدار 3 ارب کان وڌي ويا آهن.
تازو ميٽا ڪمپني پاران ٿيل هڪ ڪانفرنس ڪال دوران مارڪ زڪربرگ چيو ته واهپيدارن جي ايتري وڏي انگ سان واٽس ايپ ميٽا لاءِ هڪ مرڪزي ڪاروباري پليٽ فارم آهي.
ڪمپني پاران جاري بيان موجب وڌندڙ واهپيدارن سان گڏ واٽس ايپ بزنس پڻ وڌي رهيو آهي ۽ اها ايپ ڪمپني لاءِ 510 ملين ڊالر منافعي جو هڪ وڏو حصو حاصل ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.