آءِ فون واهپيدارن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

جڳ مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل جي آءِ فون 17 سيريز جي لانچنگ ۾ ڪجهه مهينا باقي آهن، پر ان بابت ليڪس جو سلسلو جاري آهي.
تازو هڪ نئين دعويٰ سامهون آئي آهي، جنهن موجب، ايپل آءِ فون 17 پرو لاءِ نئون رنگ متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهي آهي.
آءِ فون بابت ساکائتي لِيڪر ”ماجن بو“ دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ فون 17 پرو نئين آسماني بليو رنگ ۾ پيش ڪئي ويندي، جيڪا نئين ايم فور ميڪ بڪ ايئر ماڊلز وانگر هوندي.
ياد رهي ته موجوده آءِ فون 16 پرو بليڪ ٽائٽينيم، ڊيزرٽ ٽائٽينيم، نيچرل ٽائٽينيم ۽ وائيٽ ٽائٽينيم رنگن ۾ پيش ڪئي وئي هئي ۽ ماجن بو اڳ ئي ڊيزرٽ ٽائٽينيم رنگ جي اڳڪٿي ڪئي هئي، جيڪا درست ثابت ٿي.
ايپل آءِ فون 13 پرو کانپوءِ اڃا تائين بليو رنگ جو ڪو به ’پرو‘ ماڊل پيش نه ڪيو آهي.
ان کان اڳ يوٽيوب تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ چيو ويو هو ته آءِ فون جو ايندڙ ماڊل اميد کان به وڌيڪ سنهو فون هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.