هيءَ دنيا ماءُ لاءِ برابر نه آهي، مائرن هميشه وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن: ثانيا مرزا

حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا چيو آهي ته ماءُ پيءُ جي ذميوارين ۾ ڪڏهن به ففٽي-ففٽي ورهاست نه هوندي، ڇو ته ماءُ هميشه پنهنجي حصي کان وڌيڪ قربانيون ڏيندي آهي، هيءَ دنيا ماءُ لاءِ برابر ناهي.
پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي اڳوڻي گهرواري ۽ عالمي شهرت يافته رانديگريا ثانيا مرزا نه صرف راندين جي دنيا ۾ نالو ڪمايو، پر ماءُ بڻجي به پنهنجون ذميواريون ڀرپور طريقي سان نڀايون.
ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي، ثانيا مرزا ماءُ بڻجڻ جي سفر، ان دوران پيش آيل جسماني ۽ ذهني مشڪلاتن ۽ والدين جي ذميوارين ۾ اڻبرابري تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
هن ٻڌايو ته پٽ جي پيدائش کان اڳ وارو وقت ته ڏاڍو سٺو رهيو، پر پيدائش کانپوءِ کير پيئارڻ جو مرحلو انتهائي ڏکيو ثابت ٿيو.
سندس چوڻ هو ته ڪيريئر، مصروفيت ۽ ورڪنگ ماءُ هجڻ جي حيثيت سان منهنجي جدوجهد بلڪل مختلف هئي.
ثانيا مرزا انڪشاف ڪيو ته پٽ جي پيدائش کان رڳو ڇهن هفتن پوءِ جڏهن مون پنهنجون سرگرميون ٻيهر شروع ڪيون، تڏهن هوائي جهاز ۾ ويهڻ مون لاءِ ڏاڍو عجيب تجربو هو ”مان جڏهن پٽ کي گهر ڇڏي ويندي هيس، ته رستو روئندي پوري ڪندي هيس.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.