شڪي نوٽيفڪيشن قبول نه ڪنداسين، ڪا چالاڪي ڪئي وئي ته ڌرڻو جاري رهندو: عامر نواز وڙائچ

سکر (ويب ڊيسڪ) ڪينالن خلاف وڪيلن جي تحريڪ جي سرواڻي ڪندڙ عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته اطلاع آهن اڄ ڪينال بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو، اڳ ئي واضح ڪري ڇڏيون ته ڪو به شڪي نوٽيفڪيشن قبول نه ڪنداسين.
ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي عامر نواز وڙائچ چيو ته جيڪڏهن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ته ان تي واضح طور لکيل هجي ته ڪينال رد ڪيا پيا وڃن، حڪومت کي سمورا ڪينال رد ڪرڻا پوندا.
هن چيو ته اسان کي هڪ ۽ اڌ ڪينال به منظور ناهي، جيڪڏهن ڪا چالاڪي ڪئي وئي ته ڌرڻو جاري رهندو.
سندس چوڻ هو ته مان سنڌ جي سمورن ماڻھن جي جدوجهد کي سلام ٿو پيش ڪيان ، گهرن ۾ لڪي ويٺل بزدلن کي شرم اچڻ گهرجي، کين تاريخ معاف نه ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.