واٽس ايپ واهپيدارن جي پرائيويسي لاءِ اهم فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

ميسيجنگ پليٽ فارم واٽس ايپ ”ايڊوانس چيٽ پرائيويسي“ جو نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن بابت خبر هلندڙ مهيني جي منڍ ۾ ليڪ ٿي هئي.
اهو فيچر پرائيويسي لاءِ هوندو، جيڪو ٻن انفرادي واهپيدارن وچ ۾ چيٽ ۽ گروپ ٻنهي صورتن ۾ دستياب هوندو ۽ اهو فيچر توهان جو ڪانٽينٽ واٽس ايپ کان ٻاهر کڻي وڃڻ کان روڪڻ ۾ مدد ڏيندو.
واهپيدار ان فيچر جو استعمال ڪندي ٻين کي چيٽ ايڪسپورٽ ڪرڻ، ميڊيا آٽو ڊائون لوڊ ڪرڻ کان روڪي سگهندا.
واهپيدار اهو فيچر چيٽ کي ٽيپ ڪري ايڊوانس چيٽ پرائيويسي کي ٽيپ ڪري آن ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.