ملتان (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان پاڪستان سپر ليگ ۾ وڪيٽن جي سينچري مڪمل ڪري ورتي.
ليگ اسپنر شاداب خان ملتان سلطانز خلاف ميچ ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو، هن ملتان جي ڪپتان محمد رضوان کي آئوٽ ڪري 100 شڪار مڪمل ڪيا.
واضح رهي ته شاداب خان پي ايس ايل ۾ 100 وڪيٽون وٺندڙ چوٿون بالر آهي، ان کان اڳ حسن علي، وهاب رياض ۽ شاهين آفريدي وڪيٽن جي سينچري مڪمل ڪري چڪا آهن.
You might also like