پهلگام واقعو مودي سرڪار جي هندوتوا پاليسي جو نتيجو آهي: ڪانگريس اڳواڻ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اپوزيشن جماعت ڪانگريس جي سربراهه سونيا گانڌي جي ناٺي رابرٽ وڊرا مودي سرڪار کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو.
ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم راجيو گانڌي جي ڌيءُ پريانڪا گانڌي جي مڙس رابرٽ وڊرا پلهگام واقعي تي ردعمل ڏيندي چيو ته اهو مودي سرڪار جي هندوتوا پاليسي جو نتيجو آهي.
هن چيو ته ملڪ ۾ هندوتوا جو پرچار ڪيو ويندو آهي، اقليتن کي ڊيڄاريو ڌمڪايو ويندو آهي، مسلمانن ۽ عيسائين سميت اقليتن جي عبادتگاهن تي پابنديون لڳايون وينديون آهن، مسجدن کي مندرن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ مختلف حربا هلايا ويندا آهن، گرجا گهرن کي باهه ڏني ويندي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ مسلمان ۽ ٻيون اقليتون پاڻ کي غير محفوظ سمجهنديون آهن، عدم تحفظ جو احساس وڌندو آهي، پهلگام واقعو هندوتوا جي سوچ جو ردعمل ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.