اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جون ٽيڪسٽائل برآمدون بلند ترين سطح تي پهچي ويون.
جولاءِ 2024 کان مارچ 2025 تائين ٽيڪسٽائل سيڪٽر جي برآمدن ۾ 9.38 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ ٽيڪسٽائل سيڪٽر جون برآمدون هن وقت ساڍا 13 ارب ڊالرن کان وڌي ويون آهن، جيڪا بلند ترين سطح آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ٽيڪسٽائل سيڪٽر جي برآمدن ۾ واڌ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ترقي جي سفر ۾ وڌيڪ تيزي لاءِ حڪومتي ٽيم رات ڏينهن محنت ڪري رهي آهي.
You might also like