پاڻي لاءِ آخري ساهه تائين وڙهنداسين: ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته ڪينال منصوبي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف آخري ساهه تائين وڙهنداسين.
ڪراچي ۾ ريلي کي خطاب ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته ڪينالن خلاف اسان جو احتجاج جاري آهي، اسان ان جدوجهد ۾ وڪيل ڀائرن سان به گڏ آهيون.
هن چيو ته اسان روڊ، ريلوي ٽريڪ، ايئرپورٽ ۽ بندرگاهه بند ڪنداسين پوءِ انهن کي سمجهه ۾ ايندو ته اسان نه بيهنداسين ۽ سنڌ جي ماڻهن کي پاڻي جو حق کپي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.