نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ هڪ عجيب واقعو پيش آيو، جتي عورت پنهنجي ڌيءُ جي سهري جي محبت ۾ گرفتار ٿي ان سان گڏ فرار ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب بدايون واسڻ 43 ورهين جي عورت ممتا ڌيءُ جي سهري 46 ورهين جي شيليندر عرف بلو سان گڏ فرار ٿي.
ممتا جو مڙس سنيل ڪمار پيشي جي لحاظ سان ٽرڪ ڊرائيور آهي ۽ ڊگهي سفر سبب مهيني ۾ رڳو هڪ يا ٻه ڀيرا گهر جو چڪر لڳائيندو هو.
سنيل ڪمار پوليس کي ٻڌايو ته زال منهنجي غير موجودگي ۾ ڌيءَ جي سهري سان لاڳاپا قائم ڪيا، مان ممتا کي باقاعدگي سان پيسا موڪليندو هيس، ڇو ته مان ٽرڪ ڊرائيور آهيان، تنهن ڪري مهيني ۾ رڳو هڪ يا ٻه ڀيرا گهر ويندو هيس.
هن ٻڌايو ته ممتاز گهر مان زيور ۽ روڪ رقم کڻي شيليندر سان گڏ فرار ٿي آهي.
سنيل ڪمار ۽ ممتاز جا چار ٻار آهن، جن مان هڪ ڌيءُ جي شادي 2022 ۾ ٿي هئي.
ٽرڪ ڊرائيور جي شڪايت تي پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
You might also like