وفاقي حڪومت ڪئنالن تي ڪم روڪڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان نون ڪئنالن جي تعمير ۽ ارسا جي جوڙجڪ بابت داخل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جتي عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته قومي اتحاد کي ڪو نقصان نه رسي، اتحاد برقرار رکڻ پهرين ترجيح هئڻ گهرجي.
سنڌو درياهه مان نون ڪئنالن جي اڏاوت ۽ ارسا جي جوڙجڪ بابت داخل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ سيڪريٽري ارسا ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪئنالن تي ڪو اڏاوتي ڪم جاري آهي؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته عدالتي حڪم تي ڪئنالن تي ڪم روڪيو ويو آهي، اسان ان معاملي تي ڪجهه نه ڪنداسين، عدالتي حڪمن تي عملدرآمد تائين محدود رهنداسين.
عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته ارسا ۾ سنڌ جي نمائندگي لاءِ وفاقي ميمبر جي مقرري ڪئي وڃي، جيڪڏهن هي مسئلو مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ قانوني ترميم جي ضرورت هجي ته اها به ڪئي وڃي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ارسا ۾ سنڌ مان وفاقي ميمبر جي مقرري ٿي چڪي آهي؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اهڙي هدايت عدالتي حڪم ۾ شامل نه هئي.
عدالت نشاندهي ڪئي ته اهڙو حڪم اڳ ئي موجود آهي، پر ان تي عملدرآمد ڇو نه ٿيو؟
سرڪاري وڪيل عدالت کان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري، جڏهن ته عدالت کي ٻڌايو ويو ته سپريم ڪورٽ ۾ داخل اپيل به پيروي نه ڪرڻ سبب رد ٿي چڪي آهي ۽ ڪجهه عدالتي حڪمن ۽ دستاويزن جي ڳولا جاري آهي.
عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته موجوده صورتحال توهان اسان کان بهتر ڄاڻو ٿا، ان معاملي کي هڪ دفعي ۾ ئي ختم ڪيو، ڇا قومي اتحاد کان مٿانهون ڪو معاملو آهي؟
معاملي جي حساسيت جو توهان احساس آهي؟
درخواستگذار عدالت کي آگاهه ڪيو ته ارسا جو هيڊڪوارٽر لاهور کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي.
ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته ارسا جي موجوده جوڙجڪ سبب فيصلا ڪرڻ جو اختيار متاثر ٿيو آهي.
عدالت چيو ته قومي اتحاد کي محفوظ رکڻ ۽ برقرار رکڻ ئي پهرين ترجيح هئڻ گهرجي، هي ڪو معمولي ڪيس ناهي.
جنهن تي سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، عدالت جو چوڻ هو ته مهلت ڏينداسين پر عدالتي حڪمن تي عمل ڪيو وڃي.
ان کانپوءِ عدالت وفاقي حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا پاران پاڻي جي دستيابي بابت جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ خلاف منع نامو جاري ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.