سائنسدان ذيابطيس جي هڪ نئين قسم جو پتو لڳائي ورتو

ذيابطيس جي هڪ ڊگهي عرصي کان نظرانداز ڪئي ويندڙ شڪل، جيڪا گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ لکين عذائي کوٽ جي شڪار نوجوانن کي متاثر ڪندي آهي، نيٺ باضابطا طور تي ٽائپ 5 طور تسليم ڪئي وئي آهي.
انٽرنيشنل ذيابطيس فيڊريشن (آءِ ڊي ايف) نئين دريافت ٿيندڙ بيماري کي ٽائپ 5 جو نالو ڏنو آهي، جيڪو ان خطرناڪ حالت کي سمجهڻ ۽ علاج ڪرڻ جي عالمي ڪوششن ۾ هڪ اهم موڙ آهي.
ٽائپ 5، جنهن کي غذائيت بابت ذيابطيس به چيو ويندو آهي، اهو مرض خاص طور تي گهٽ وزن وارن نوجوانن کي ايشيا ۽ آفريقا جهڙن خطن ۾ متاثر ڪري ٿو، جتي وڏي پيماني تي خوراڪ جو عدم تحفظ ۽ غربت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.