راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽڊ جي بيٽر ڪولن منرو پي ايس ايل 10 جي افتتاحي ميچ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي.
جمعي جي رات اسلام آباد يونائيٽڊ لاهور قلندرز کي اٺ وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جي شروعات ڪاميابي سان ڪئي.
راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ دوران اسلام آباد يونائيٽڊ 140 رنسن جو هدف 18 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
ڪولن منرو 42 بالن تي 59 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ ٽيم کي فتح ڏياري.
منرو ان اننگز سان گڏ پي ايس ايل ۾ سڀ کان وڌيڪ ففٽيون ٺاهڻ وارو پرڏيهي بيٽر بڻجي ويو، هي سندس پي ايس ايل ڪيريئر جي 13هين ففٽي هئي، اهڙي طرح هن ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي اڳوڻي ڪپتان رائلي روسو جو 12 ففٽين وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
پرڏيهي بيٽرن جي ففٽي ٺاهڻ واري فهرست ۾ لوڪ رونڪي، جيسن راءِ ۽ شين واٽسن جا نالا به شامل آهن.
واضح رهي ته پي ايس ايل جي مجموعي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ففٽيون اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم وٽ آهي، جيڪو هينئر تائين 35 ففٽيون ڪري چڪو آهي.
You might also like