مودي سرڪار جنگي جنون ۾ مبتلا، فرانس کان 26 جهاز خريدڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت فرانس کان 26 رافيل جهاز خريدڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڀارتي سامونڊي فوج لاءِ خريد ڪيل جهازن جي ماليت 640 ارب رپين کان وڌيڪ آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، رافيل جهازن جي مهادي تي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ صحيحن جو امڪان آهي، معاهدي ۾ 22 هڪ سيٽ وارا ۽ چار ٻن سيٽن وارا جهاز شامل آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته معاهدي تي صحيح لاءِ فرانسيسي بچاءُ واري وزير طرفان ڀارت جي دوري جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي سامونڊي فوج وٽ هن وقت 36 رافيل جنگي جهاز جڏهن ته روس جا مگ 29 جنگي جهاز موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.