ڪراچي بار جي صدر تي تشدد، حملو ڪندڙن جا تفصيل سامهون اچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر وڙائچ تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي چر پر جا تفصيل سامهون اچي ويا.
ذريعن موجب، ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ تي حملو ڪندڙ جوابدار نمائش چورنگي کان تاڙ ۾ هئا، جوابدارن کي ايم اي جناح روڊ تي عامر وڙائچ جي گاڏي جو پيڇو ڪندي ڏٺو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي ايم اي جناح روڊ کان آءِ آءِ چندريگر روڊ ڏانهن مُڙندي ڏٺو ويو، پنج جوابدار ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار هئا ۽ جيپ جو پيڇو ڪري رهيا هئا.
ذريعن جو چوڻ هو ته عامر وڙائچ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي هوٽل ويجهو جيپ روڪي، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ موٽر سائيڪل سوار جوابدارن کي حملو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عامر وڙائچ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.