واٽس ايپ تي دوستن ڏي موڪليل تصويرون ۽ وڊيوز اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جو طريقو ڄاڻيو

جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ طرفان هڪ اهڙي ڪارائتي پرائيويسي فيچر جي آزمائش جاري آهي جيڪا واهپيدارن کي ضرور پسند ايندي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، ميٽا طرفان آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزنز ۾ ايڊوانس پرائيويسي نالي آپشن جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
نئين فيچر ذريعي توهان ٻين ماڻهن کي پنهنجي چيٽ ايڪسپورٽ ڪرڻ يا اوهان طرفان موڪليل تصويرون ۽ وڊيوز پاڻمرادو محفوظ ڪرڻ کان روڪي سگهو ٿا.
نئين ايڊوانسڊ پرائيويسي سيٽنگ ون آن ون ۽ گروپس چيٽ ٻنهي تي لاڳو هوندي.
جڏهن سيٽنگ کي ٽرن آن ڪيو ويندو تڏهن ون آن ون چيٽ يا گروپ چيٽ ۾ ڪو به فرد سموري چيٽ هسٽري کي واٽس ايپ کان ٻاهر ايڪسپورٽ نه ڪري سگهندو.
اهڙي طرح توهان جي طرفان موڪليل تصويرون ۽ وڊيوز به پاڻمرادو ٻين ماڻهن جي ڊيوائسز جي گيلريز ۾ محفوظ نه ٿي سگهندا.
ان کانسواءِ رپورٽ ۾ اِهو واضح نه ڪيو ويو آهي ته ٻيا واهپيدار مئنيولي طريقي سان مواد محفوظ ڪري سگهندا يا نه.
جڏهن گروپ چيٽ ۾ ان سيٽنگ کي ان ايبل ڪيو ويندو تڏهن ان ۾ موجود هر فرد کي نوٽيفڪيشن ذريعي ايڊوانسڊ چيٽ پرائيويسي سيٽنگ کي آن ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو ويندو.
رپورٽ موجب، ان سيٽنگ کي آن ڪرڻ سان ون آن ون يا گروپ چيٽس ۾ ميٽا اي آءِ چيٽ بوٽ ٽرن آف ٿي ويندو، ڇو ته بيٽا ورزنز ۾ ائين ٿي رهيو آهي.
رپورٽ موجب، جيتوڻيڪ ان فيچر کانپوءِ سڄي چيٽ ايڪسپورٽ جي روڪٿام ممڪن آهي پر پوءِ به انفرادي پيغامن يا اسڪرين شاٽس کي ضرور فارورڊ ڪري سگهجي ٿو.
يعني توهان مڪمل طور پنهنجي پيغامن کي ايڪسپورٽ ڪرڻ کان نٿا روڪي سگهو پر پوءِ به گهڻي حد تائين ائين ممڪن ٿي ويندو.
جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته هي فيچر في الحال بيٽا ورزنز ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي تنهنڪري اِهو چوڻ مشڪل آهي ته اِهو ڪيستائين سمورن واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.