راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ وڪيلن ۽ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات دوران پي ٽي آءِ باني پنجاب بابت اهم هدايتون ڏئي ڇڏيون.
پي ٽي آءِ سان اڄ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ بئريسٽر علي ظفر سميت ٻين وڪيلن ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني پنجاب ۾ فيصلن جو اختيار عاليا حمزا کي ڏئي ڇڏيو آهي، عاليا حمزا کي ڪنهن به عهديدار کي معطل يا ذميواري ڏيڻ جو اختيار پڻ ڏنو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عاليا حمزا جي ذميوارين بابت پي ٽي آءِ چيئرمين کي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو اِهو به چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني خالد خورشيد طرفان احسان طور جي مقرريءَ جي حمايت ڪئي، پي ٽي آءِ باني چيو ته خالد خورشيد تي اعتماد آهي هن سوچي سمجهي مقرري ڪئي هوندي.
You might also like