اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته کيس پَڪ آهي ته پاڪستان عالمي معدني معيشت ۾ هڪ اڳواڻ طور اُڀرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستاني قوم جي پيرن هيٺان وڏا معدني ذخيرا هوندي مايوسي ۽ بي عملي جي ڪائي گنجائش ناهي.
اسلام آباد ۾ پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم 2025ع کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته اسان عالمي ادارن کي ڀليڪار چئون ٿا، سيڙپڪار موقعا ڳولن ۽ وسلين جي صلاحيت جي ترقيءَ ۾ اسان سان ڀائيواري قائم ڪن.
آرمي چيف چيوته پاڪستان جي معدني دولت جي نشاندهي لاءِ انجينيئر، جيالوجسٽ، آپريٽر ۽ ڪيئي ماهر گهربل آهن، تنهنڪري اسان ان شعبي جي ترقيءَ لاءِ شاگردن کي ٻاهرين ملڪ تربيت لاءِ موڪلي رهيا آهيون.
هن چيو ته هن وقت بلوچستان جا 27 شاگرد يمبيا ۽ ارجنٽينا ۾ منرل ايڪسپلوريشن ۾ سکيا حاصل ڪري رهيا آهن، اسان جو مقصد معدني شعبن لاءِ افرادي قوت، مهارت ۽ انساني وسيلا پيدا ڪرڻ به آهي.
جنرل عاصم منير جو چوڻ هوته اقتصادي سلامتي، قومي سلامتي جي هڪ اهم حصي طور اُڀري آهي، پاڪ فوج پنهنجي ڀائيوارن ۽ سيڙپڪان جي مفادن ۽ اعتماد جي تحفظ لاءِ هڪ مضبوط سيڪيورٽي فريم ورڪ ۽ فعال حڪمت عملي کي يقيني بڻائيندي، ملڪ ۾ اپ اسٽريم ۽ ڊائون اسٽريم معدني صنعتن جي ترقي کي پڻ يقيني بڻايو ويندو.
You might also like