گهرو وزير محسن نقوي جي ڪينالن تي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف سان اهم ملاقات

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اهم ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ سنڌو درياهه تي ڪينال اڏڻ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ذريعن موجب محسن نقوي وزيراعظم سان لاهور ۾ اهم ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ هن وزيراعظم کي افغان شهرين جي واپسي لاءِ جاري آپريشن بابت به آگاهه ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ۾ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ تي عوامي ردعمل تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته گهرو وزير بجلي اگهه گهٽائڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني.
ذريعن موجب ملاقات ۾ بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ امن امان جي حوالي سان کنيل قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.