ڪمزور ماڻهن لاءِ وزن وڌائڻ جا بهترين طريقا

جيتوڻيڪ دنيا ۾ اڪثر ماڻهو ٿولهه جو شڪار آهن ۽ وزن گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن پر دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهو پڻ موجود آهن، جن جو وزن ڪنهن به صورت ۾ نٿو وڌي ۽ اهي پنهنجي سنهڙي جسم کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان خوبصورت بڻائڻ چاهين ٿا ته جيئن اهي احساس ڪمتري جو شڪار نه ٿين.
هتي اسان توهان کي وزن وڌائڻ جا طريقا ٻڌائي رهيا آهيون
صحتمند ڪيلوريز واري خوراڪ
جيڪڏهن اوهان وزن وڌائڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي خوراڪ ۾ ڪيلوريز جو اضافو ڪيو، ان لاءِ اهڙي خوراڪ چونڊيو، جنهن ۾ وڌيڪ ڪيلوريز موجود هجن، انهن ۾ کير، بيضا، مکڻ ۽ پنير وغيرا شامل آهي، جن کي استعمال ڪري وڌيڪ ڪيلوريز حاصل ڪري سگھجن ٿيون.
وڌيڪ پروٽين واريون غذائون
وزن وڌائڻ ۾ پروٽين جو به اهم ڪردار آهي، پروٽين جسم ۾ مسلز ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندي آهي، پروٽين لاءِ هر قسم جو گوشت، بيضا ۽ کير سان ٺاهيل شيون استعمال ڪرڻ تمام فائديمند آهي.
ڏينهن ۾ 3 کان 4 ڀيرا پيٽ ڀري کائو
جيڪڏهن توهان وزن وڌائڻ چاهيو ٿا ته وڌيڪ پروٽين ۽ ڪيلوريز واريون غذائون کائو، انهن غذائن کي ڏينهن ۾ 3 کان 4 ڀيرا پيٽ ڀري کائو.
ورزش ڪيو
توهان پنهنجو وزن وڌائڻ جا خواهشمند آهيو ته ورزش ان لاءِ بهترين آهي، ورزش ڪرڻ سان توهان کي تندرستي ملندي، اهو خيال رکو ته اها وزرش جيڪا وزن وڌائي، ان لاءِ توهان اڳ ۾ ڪنهن ماهر سان مشورو ڪيو ۽ پوءِ وزن وڌائڻ (ويٽ گين) واري ورزش ڪيو.
وزن وڌائيندڙ اهم غذائون
خشڪ ميوا
کير ۽ ان سان ٺهيل شيون
زيتون جي تيل ۾ پڪل کاڌا
ڪڻڪ
گوشت
پٽاٽا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.