ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سائيٽ سپر هاءِ وي تي ڦر دوران جوابدارن جي فائرنگ ۾ ڳورهاري عورت مارجي وئي.
پوليس موجب سائيٽ سپر هاءِ وي فقيرا ڳوٺ پريشان چوڪ ڀرسان موٽر سائيڪل تي سوار زال مڙس تي ٻن هٿياربندن ڦر دوران فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت مارجي وئي.
پوليس ٻڌايو ته مقتولا عورت ڳورهاري هئي، جنهن جي سڃاڻپ 25 ورهين جي صائمه زال عرفان طور ٿي آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
You might also like