ڀارتي فوج پنهنجي ئي شهرين تي ڪاهي پئي، 16 ڄڻا قتل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڇتيس ڳڙهه جي ٻيلن ۾ سيڪيورٽي فورسز سرچ آپريشن جي نالي تي 16 قبيلائين کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو سرچ آپريشن ڇتيس ڳڙهه جي ضلعي سڪما ۾ سينٽرل ريزرو پوليس فورس ۽ ڊسٽرڪٽ ريزرو گارڊز گڏيل طور ڪيو.
سرچ آپريشن دوران 16 قبيلائين کي ماريو ويو، جن بابت ڀارتي فورسز جي دعويٰ آهي ته اهي عليحدگي پسند نڪسالي هئا.
ڀارتي فوج جي دعويٰ آهي ته سرچ آپريشن اڃا تائين جاري آهي، جنهن ۾ مائو نواز باغين کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
پر علائقي واسين جو چوڻ آهي ته سرچ آپريشن ۾ مارجي ويل 16 ڄڻن جو واسطو مقامي قبيلي سان هو ۽ اهي هٿياربند نه هئا.
علائقي واسين وڌيڪ چيو ته رستا بند هجڻ سبب اهي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي سخت کوٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.