لاهور (ويب ڊيسڪ) عورت کي هراسان ۽ زبردستي رڪشي ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو.
لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو بازار ۾ رڪشي ڊرائيور شهزاد خلاف عورت کي هراسان ڪرڻ جي شڪايت تي فوري طور ايڪشن وٺندي کيس گرفتار ڪيو ويو.
عورت موجب هوءَ خريداري لاءِ بازار وئي هئي، جڏهن ته رڪشي ڊرائيور ان کان ئي سندس پيڇو ڪري رهيو هو ۽ پوءِ موقعي تي پهچي زبردستي رڪشي ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪيائين.
عورت بازار ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي شڪايت ڪئي، جن فوري طور تي جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو.
You might also like