عيد تي پيٽرول ڪيترو سستو ٿيندو؟ عوام لاءِ وڏي خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عيدالفطر جي موقعي تي پاڪستاني عوام کي پيٽروليم شين جي اگهن جي حوالي سان وڏي خوشخبري ملڻ جو امڪان آهي.
حڪومت طرفان عالمي سطح تي تيل اگهن ۾ لاٿ کي ڏسندي پهرين اپريل کان پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ تقريبن 3 کان ساڍا 3 رپيا في ليٽر لاٿ ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا في ليٽر تائين لاٿ ٿي سگهي ٿي.
اوگرا اگهن جي حوالي سان سمري وزيراعظم کي موڪليندي ۽ منظوري کانپوءِ ناڻي واري وزارت باضابطا طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.