ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ترقي لاءِ نئين ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جو چيئرمين ميئر مرتضيٰ وهاب هوندو.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي جو ڪمشنر ۽ ٻيون اختياريون به ٽاسڪ فورس ۾ شامل هونديون، ٽاسڪ فورس اهم روڊن جي بحالي، صفائي ۽ خوبصورتي جي ڪمن جي نگراني ڪندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٽاسڪ فورس کي حددخلين جي خاتمي، غير قانوني پارڪنگ ۽ سيوريج جا مسئلا حل ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي.
You might also like