نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ٻڌمت جي پيروڪارن ٻوڌگيا ۾ مقدس مهاٻوڌي مندر تي هندو ڪنٽرول خلاف احتجاج شروع ڪري ڇڏيو.
مهاٻوڌي مندر کي 1949 جي ٻوڌگيا ٽيمپل ايڪٽ تحت هلايو ويندو آهي، جنهن موجب 8 رڪني ڪميٽي ۾ هندو ۽ ٻڌ نمائندن کي برابر نمائندگي ڏني وئي آهي پر ٻڌ اڳواڻ ان قانون کي غير منصفاڻو قرار ڏيندي مندر جي مڪمل انتظامي ڪنٽرول جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هندو رسمون ٻڌمت جي اصولن جي خلاف آهن ۽ مندر جو مڪمل اختيار ٻڌ ڪميونٽي کي ڏنو وڃي.
تازو احتجاج ان وقت شدت اختيار ڪري ويو، جڏهن پوليس بک هڙتال ڪندڙ ٻڌ راهبن کي زبردستي هٽايو.
ٻڌن جو چوڻ آهي ته هندو اڪثريت واري حڪومت ٻڌمت جي حقن کي نظرانداز ڪري رهي آهي.
You might also like