”سشانت سنگهه کي آپگهات تي مجبور نه ڪيو ويو“ 4 سال جاچ کانپوءِ ڪيس بند

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي موت کان تقريبن ساڍا 4 سال پوءِ ڀارت جي سينٽرل بيورو آف انويسٽيگيشن (سي بي آءِ) ڪيس بند ڪري ڇڏيو ۽ اداڪارا ريا چڪرورتي کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي.
سي بي آءِ سشانت سنگهه راجپوت جي موت جي معاملي ۾ جاچ مڪمل ڪري ڪيس کي بند ڪرڻ جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 8 اپريل تي ممبئي جي باندرا ميجسٽريٽ ڪورٽ ۾ ٿيندي، جيڪڏهن عدالت ان رپورٽ کي قبول ٿي ڪري ته سشانت سنگهه راجپوت جو ڪيس باقاعدي طور بند ڪيو ويندو.
ذريعن موجب سي بي آءِ جي جاچ ۾ اهڙو ڪو ثبوت ناهي مليو، جنهن سان اهو ثابت ٿئي ته ڪنهن سشانت سنگهه راجپوت کي آپگهات لاءِ مجبور ڪيو.
سي بي آءِ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته ڪنهن جي خلاف ڏوهه ثابت ناهي ٿي سگهيو ۽ سمورن نامزد ماڻهن کي بري ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته سشانت سنگهه راجپوت جو ڦاهو کاڌل لاش 14 جون 2020 ۾ ممبئي جي علائقي باندرا ۾ سندس اپارٽمينٽ مان مليو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.