نيامي (ويب ڊيسڪ) آفريقي ملڪ نائجر ۾ مسجد تي دهشتگردن جي حملي ۾ 44 ڄڻا مارجي ويا.
نائجر جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب دهشتگردن جي مسجد تي حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا.
دهشتگردن جي حملي وقت وڏي انگ ۾ ماڻهو مسجد ۾ نماز ادا ڪري رهيا هئا، دهشتگردن ٻهراڙي جي علائقي ڪورو ۾ مسجد کي نشانو بڻايو.
اختيارين ٻڌايو ته دهشتگردن مسجد جو گهيرو ڪري حملو ڪيو، جڏهن ته مقامي بازار ۽ گهرن کي به باهه ڏئي ڇڏي.
نائجر جي حڪومت اهڙي واقعي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.
You might also like