هن رمضان ۾ 29 روزا ٿيندا يا 30؟ فلڪياتي ماهرن اڳڪٿيون ڪري ڇڏيون

مصري ۽ اماراتي فڪياتي ماهرن عيدالفطر 2025 جي امڪاني تاريخن جي حوالي سان اڳڪٿيون جاري ڪري ڇڏيون.
عرب ميڊيا موجب مصر جي نيشنل انسٽيٽيوٽ فار آسٽرونوميڪل اينڊ جيو فزيڪل ريسرچ اڳڪٿي ڪئي آهي ته رمضان المبارڪ 29 ڏينهن جو هوندو ۽ آخري روزو 29 مارچ (ڇنڇر) تي ٿيندو، جڏهن ته عيدالفطر 30 مارچ (آچر) تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
مصري ماهرن موجب دنيا جي تقريبن 30 شهرن ۾ 29 مارچ تي شوال جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان آهي، جن ۾ مڪو پاڪ، مدينو شريف، رياض، انقرا، تهران، مسقط، ڪراچي، لندن، ماسڪو، اوٽاوا شامل آهن.
هوڏانهن اماراتي آسٽرونومي سوسائٽي جي چيئرمين ابراهيم الجرون موجب عيد 30 مارچ (آچر) يا 31 مارچ (سومر) تي ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.