سينيئر بالي ووڊ اداڪار ديهانت ڪري ويو، شوبز دنيا سوڳ ۾ وڪوڙيل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سينيئر ڀارتي اداڪار ۽ فلمساز ايان مکرجي جو پيءُ ديپ مکرجي 83 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ديپ مکرجي ڊگهو بيماري کانپوءِ جمعي جي صبح ممبئيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ آخري ساهه کنيو.
ديپ مکرجي جون آخري رسمون ممبئي جي جوهو علائقي ۾ ادا ڪيون ويون.
هو 1960 ۽ 1970 جي ڏهاڪي دوران ڪيترين ئي فلمن ۾ سپورٽنگ ڪردار ادا ڪندو رهيو، جڏهن ته 1983 ۾ ”ڪراٽي“ نالي فلم جي هدايتڪاري ڪئي، جنهن ۾ مٿُن چڪروتي، ڪاجل ڪرن ۽ يوگيتا بالي مک ڪردار ادا ڪيو هو.
ديپ مکرجي جو واسطو بالي ووڊ جي مشهور مکرجي خاندان سان هو. هو فلمساز آشوتوش گواريڪر جو سهرو، جڏهن ته بالي ووڊ اداڪارا ڪاجول ۽ راني مکرجي جو چاچو هو.
سندس ماءُ ستي ديوي، مشهور اداڪار اشوڪ ڪمار، انوپ ڪمار ۽ گلوڪار-اداڪار ڪشور ڪمار جي اڪيلي ڀيڻ هئي، جڏهن ته سندس ڀاءُ فلمساز شومو مکرجي، اداڪارا تنوجا سان شادي ڪئي، جيڪا ڪاجول جي ماءُ آهي.
سرڳواسي ديپ مکرجي جي آخري رسمن ۾ مٽن مائٽن، ويجهن دوستن سميت ڪاجول، راني مکرجي، جيا بچن، عاليا ڀٽ، رنبير ڪپور، ريتڪ روشن ۽ ٻين شرڪت ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.