اداڪارا ڀاگيا شري حادثي جو شڪار، اسپتال داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ماضي جي مشهور اداڪارا ڀاگيا شري ”پڪل بال“ کيڏندي زخمي ٿي پئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀاگيا شري کي راند دوران پيشانيءَ تي ڌڪ لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ هن کي مٿي تي 13 ٽاڪا لڳايا ويا.
حادثي کانپوءِ اداڪارا کي فوري طور تي اسپتال نيو ويو، جتي هڪ معمولي سرجري ڪئي وئي.
اداڪارا جي پيشانيءَ تي زخم ايترو گهرو هو جو کيس 13 ٽاڪا لڳائڻا پيا.
ڀاگيا شري جي اسپتال ۾ ورتل تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جن مان هڪ تصوير ۾ سندس پيشانيءَ تي لڳل زخم کي ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو ڪافي گهرو نظر اچي ٿو.
سوشل ميڊيا تي مداحن پاران ڀاگيا شري جي جلد صحتيابي لاءِ دعائن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
ياد رهي ته ڀاگيا شري 1989 ۾ فلم ” مين ني پيار ڪيا“ ذريعي سلمان خان سان گڏ بالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪيو هو، ۽ سندس پهرين فلم ئي باڪس آفيس تي وڏي ڪاميابي ماڻي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.