ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي ڪرڪيٽر محمود الله رياض عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو.
محمود الله تازو آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ بنگلاديشي اسڪواڊ جو حصو هو ۽ سندس ٽيم گروپ اسٽيج ۾ ئي ٻاهر ٿي وئي هئي.
اربع ڏينهن سوشل ميڊيا تي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي پنهنجي پيغام ۾ محمود الله ساٿي رانديگرن، ڪوچن، مداحن ۽ گهرڀاتين جا ٿورا مڃيا، جن ڪيريئر ۾ سندس ساٿ ڏنو.
هن چيو ته مان عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو آهي، گڏوگڏ هن بنگلاديش ڪرڪيٽ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.
واضح رهي ته محمود الله 2007 ۾ انٽرنيشنل ڊيبيو ڪيو هو ۽ 50 ٽيسٽ، 239 ون ڊي ۽ 141 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ بنگلاديش جي نمائندگي ڪئي.
محمود الله سڀني فارميٽن ۾ مجموعي طور 11 هزار کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون، جن ۾ 9 سينچريون ۽ 56 ففٽيون شامل آهن، جڏهن ته هن 166 وڪيٽون پڻ حاصل ڪيون.
You might also like